ضميرالدين احمد

ضميرالدين احمد: ڪراچي جو مشهور واپاري ۽ صنعتڪار شيخ ضمير الدين احمد 1964ع ڌاري دهليءَ هندوستان ۾ پيدا ٿيو، آزادي کان ڪجهه وقت اڳ هو سنڌ آيو ۽ ڪراچي ۾ رهڻ لڳو. هن بولٽن مارڪيٽ ۾ بجليءَ جي سامان جو دڪان کوليو ۽ 1949ع ۾ مٺائيءَ جو ڪاروبار شروع ڪيائين. 57-1956ع ۾ احمد فوڊ انڊسٽريز جو بنياد وڌائين. 1962ع ۾ هن ’شام النور‘ جي نالي سان علمي ۽ ادبي تقريبن جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن ۾ ملڪ جي علمي شخصيتن کي مدعو ڪيو ويندو هو ۽ کين مختلف موضوعن تي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو. اهو سلسلو 1972ع تائين جاري رهيو. ضمير الدين شهر جي سخي مردن مان هو ۽ ڪيترن ئي ادارن جي سرپرستي ۽ ضروتمندن جي مدد ڪندو هو. هن 17 آگسٽ 1916ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه يوسف پوره جي ميوا شاهه قبرستان ڪراچيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.08.17  عيسوي

شيخ ضمير الدين احمد 1964ع ڌاري دهليءَ هندوستان ۾ پيدا ٿيو،هن 17 آگسٽ 1916ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمالي حاجي محمد بخش
دهشلا راڻي
جارج-6
قائداعظم محمد علي جناح
شهڪ ڏاڏو
پيرزادو غوث محمد گوهر
انصار برني
عبدالقدير خان افغان ڊاڪٽر
دارا شاهه 1
جوکيوعبدالمجيد بکري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون